سيد احمد شاهه

سيد احمد شاهه (گائڪ): سيد احمد شاهه اصل ڳوٺ جوڻالي، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز جو رهواسي هو، جوانيءَ ۾ اُتان لڏي ضلعي دادوءَ جي بٺ پاڙي ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. هي راڳ ۽ رنگ جو ڄاڻو هو، صوفياڻو ۽ عارفاڻو ڪلام ڳائيندو هو. شادي مراديءَ کانسواءِ پيرن فقيرن جي درگاهن تي به ڳائيندو هو. شاهه عبداللطيف جي سرن تي عبور حاصل هئس. سيد احمد شاهه 1978ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سيد احمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو